خيرپور/ ڪولاب جيئل (نمائندن وٽان) ڪولاب جيئل لڳ نافرمان پٽ پنھنجي ويڳي ماءُ کي لٺيون ھڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال خيرپور داخل، ڪيس داخل نه ٿي سگھيو. تفصيل موجب ڪولاب جيئل لڳ اڪنامڪ زون ٿاڻي جي حد ڳوٺ پير چائون ۾ جوابدار بشير مري پنھنجي ويڳي ماءُ مسمات ناز بانو کي پنھنجي پيرسن والد سامھون لٺيون ھڻي مرڻينگ ڪري فرار ٿي ويو. زخمي پيرسن عورت کي سول اسپتال خيرپور داخل ڪرايو ويو آھي. ان سلسلي ۾ اڪنامڪ زون پوليس ٻڌايو ته مسمات ناز بانو پنھنجي مائٽن ڏي وئي ھئي جنھن تان سندس ويڳي پٽ ناراض ٿي حملو ڪري ڏنو. ھوڏانھن آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ھو.