ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مرحوم ايم اين اي عامر لياقت جون غير اخلاقي وڊيوز وائرل ڪرڻ واري ڪيس ۾ جوابدار دانيه شاهه جي ضمانت واري جلد ٻڌڻي واري درخواست منظور، سنڌ هاءِ ڪورٽ ايف آءِ اي جي  پراسيڪيوٽر، پراسيڪيوشن ۽ جاچ آفيسر کي نوٽيس جاري ڪندي 8 فيبروري تي رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو، جوابدار دانيه شاهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ لياقت علي خان گبول ايڊووڪيٽ ذريعي ضمانت جي درخواست داخل ڪئي هئي، واضح رهي ته ڊسٽرڪٽ جج اوڀر 18 جنوري تي جوابدار دانيه شاهه جي ضمانت واري درخواست رد ڪئي هئي، جڏهن ته جوابدار دانيه شاھ تي الزام آهي ته هن پنهنجي مڙس مرحوم عامر لياقت جي غير اخلاقي وڊيو ٺاهي ۽ يوٽيوبرز کي فراهم ڪئي.