ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم پاسبان ڪارڪنن ۽ خاصخيلي ھارين جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ صوبائي وزير آڏو احتجاج، ٽنڊوآدم پريس ڪلب آڏو پاسبان ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ قتل ٿيل خاصخيلي نوجوانن اياز گل خاصخيلي، جمن خاصخيلي، اڪبر خاصخيلي جي ڪيس ۾ نامزد جوابدار جي گرفتاري لاءِ بک هڙتال ڪيمپ لڳائي 7 ڏينھن به بک هڙتال ڪئي وئي اتان گذرندڙ صوبائي وزير فراز ڏيرو ڪيمپ آڏو بيھي رھيو ته پاسبان ڪارڪنن خاصخيلي برادري جي ماڻهن سلطان خاصخيلي، شير محمد خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ صوبائي آڏو احتجاج ڪيو. ان موقعي تي سلطان خاصخيلي دانھيو ته پ پ حڪومت ۾ پ پ ووٽرن کي اڳواڻ قتل ڪيو، ايس ايس پي سانگهڙ ساڻس ٻٽ بڻيل آهي پارٽي جي بي گناھ ڪارڪنن جي قتل جي مالڪي ناھي ڪئي انھن گھر ڪئي ته زاھد عمراڻي کي گرفتارڪري سندس پارٽي مان ميمبر شپ معطل ڪئي وڃي. ان موقعي تي صوبائي وزير فراز ڏيرو ڳالھايندي چيو ته خاصخيلي برادري جي ماڻهن جو بي گناھ قتل ٿيو آھي، ھن چيو ته مون تڪ جي ايم پي اي شاھد ٿھيم ۽ سنڌ جي وڏي وزير کي صورتحال کان آگاهي ڏني آھي، قاتلن کي ڪنھن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو.