باڊھه (ن پ ا) چار ڏينهن اڳ باڊھه شھر جي درگاهه شريف پاڙي مان مبينا طور اغوا ڄاڻايل ناري سائره ميربحر راڄوڻي ڪوششن بعد بازياب ٿي گهر پهچي وئي آهي، ناري پنهنجي مامي علي نواز ميربحر ڏانهن وڃڻ بدران ڳوٺ گابر مسڻ ۾ پنهنجي ماءُ وٽ وڃڻ جو چيو، پوليس ناري جي بازيابي جي تصديق ڪندي چيو آھي ته ناري کي اڄ لاڙڪاڻي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. ياد رهي ته ناري يتيم هئڻ سبب پنهنجن مامن وٽ رهندي هئي، جتان 4 ڏينهن اڳ مبينا اغوا ٿي وئي، جنهن جي اغوا جو ڪيس سندس مامي خيرپور ضلعي جي تعلقي ٺيڙھي جي ڳوٺ رياض سولنگي جي رهواسي ٻن ڀائرن شاهنواز سولنگي ۽ عبدالحئي سولنگي خلاف داخل ڪرايو هو.