سکر (بيورو رپورٽ) جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي فار شيعا مسنگ پرسنز پاڪستان طرفان سکر ۾ علامتي بک ھڙتالي ڪئمپ قائم ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. بک ھڙتال ۾ مردن توڙي عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. اِن موقعي تي جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي فار شيعا مسنگ پرسنز پاڪستان جي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته اسان گم ٿيلن جي وارثن سان يڪجھتيءَ جي اظھار لاءِ پر امن احتجاج رڪارڊ ڪرايو آھي، حڪومت ۽ ذميدار رياستي ادارا گم ٿيل ماڻھن جي بازيابي لاءِ غير سنجيدا آھن، قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن کي يقين ڌھاني باوجود نوجوان واپس ناھن پھتا، جبري گم ٿيلن جا وارث پوري پاڪستان ۾ سراپا احتجاج بڻيل آھن، جيڪڏھن نوجوان ڪنھن ڏوھ ۾ ملوث آھن ته کين آئين ۽ قانون موجب عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.