ٽنڊو آدم (رپورٽ: سليمان ساند) ٽنڊو آدم ۾ اٽي جو بحران، فلور ملز وارا به بليڪ تي وڪرو ڪرڻ لڳا، 400 رپين ۾ ملندڙ 10 ڪلو وارو ٿيلهو دڪانن تي ساڍا 12 سئو ۾ وڪرو ٿيڻ لڳو، سرڪاري طور سستي اٽي جا اسٽال نه لڳا، فلور ملز اڳيان عورتن جون قطارون لڳل، انتظاميا خاموش، رپورٽ موجب شھر ۽ آسپاس ۾ اٽي جي اگھه کي پر لڳي ويا آھن، دڪاندارن پاران اٽو 125 رپيا في ڪلو جي حساب سان وڪرو ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب پورهيت طبقو سخت متاثر ٿي رهيو آھي، انتظاميا پاران اٽي جي وڌندڙ اگهن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا ويا ۽ نه ئي سرڪاري طور تي سستي اٽي جا اسٽال لڳائي عوام کي سهولت ڏني وئي آهي، آٽا چڪي ايسوسيئيشن اڳواڻ نور خان راجپوت جو چوڻ آهي ته خوراڪ کاتي پاران چڪين کي ڪوٽا مطابق ڪڻڪ فراهم نه پئي ڪئي وڃي، روزانو هڪ چڪي کي صرف هڪ مڻ ڪڻڪ ڏني پئي وڃي، جنهن سبب مجبورن مارڪيٽ مان مهانگي ريٽ تي ڪڻڪ خريد ڪريون ٿا، هن ٻڌايو ته خوراڪ کاتي پاران في فلور ملز کي ماهوار 7 هزار ڪڻڪ جون ٻوريون ڏيڻيون آهن پر نه پيون ملن، هن چيو ته فلور ملز وڏن ماڻھن جون آھن جيڪي شھر جي ڪوٽا ٻاهر وڌيڪ اگھه تي وڪرو ڪري منافعو ڪمائي رهيا آھن، ان سلسلي ۾ پورهيت مٺو مري، ڪيول باگڙي، ڪارو ڀيل، سرور، منور علي، شفيع حاجاڻو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته برساتن ۾ گهر ڊھي پيا، 4 مهينن کان روزگار به ناهي، دربدري واري زندگي گذاري رهيا آھيون، مٿان وري اٽي جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪيو ويو آھي، جنهن ڪري ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهي، هنن چيو ته دڪاندار 125 رپيا في ڪلو جي حساب سان وڪرو پيا، جنهن سبب هاڻي ماني ڳڀو به مشڪل بڻجي ويو آھي، هنن وس وارن کان نوٽيس وٺي تدارڪ جي گهر ڪئي.