عثمان شاھ ھڙي (ن پ ا) عثمان شاھ ھڙي ۾ پهريون ڀيرو فوڊ کاتي ٽنڊوالهيار پاران موڪليل سستي اٽي جي مزدا تي ماڻھن جا ھجوم گڏ ٿي ويا، بدنظمي سبب ڪيترن ئي ماڻهن جا ڪپڙا ڦاٽي ويا، ان حوالي سان  علائقي واسين ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته شهر ۾  روزانو جي بنياد تي اٽي جا اسٽال قائم ڪيا وڃن.