پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل پوليس جو جوا جي ٽڪري تي ڇاپو، فرار ٿيل جوابدارن جو پيڇو پوليس ڪوٽ بلا ۾ گهرن ۾ گهڙي پئي، ڳوٺاڻن اھلڪارن کي يرغمال بڻائي ورتو، ڳوٺاڻن يرغمال بڻايل اهلڪارن جي وڊيو رڪارڊ ڪري سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي، راڄوڻي بعد اھلڪارن کي بازياب ڪرايو ويو. خبر موجب پنوعاقل پوليس بائجي ٿاڻي جي حد ۾ جوا جي ٽڪريءَ تي ڇاپو هنيو ته جوارين ۾ ڀاڄ پئجي وئي. ان دوران پوليس فرار ٿيل جوارين جو پيڇو ڪندي ڪوٽ بلا ۾ گهرن ۾ داخل ٿي وئي. ان تي ڳوٺاڻن پوليس اھلڪارن کي يرغمال بڻائي مارڪٽ پڻ ڪئي. اطلاع ملڻ تي وڏي پوليس نفري ڪوٽ بلا پھتي. ڳالهين بعد يرغمال بڻايل پوليس اھلڪارن کي راڄوڻي ذريعي آزاد ڪرايو ويو. پوليس موجب بلا برادريءَ جي جوابدارن اھلڪارن کي يرغمال بڻائي تشدد جو نشانو بڻايو. واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي. ھوڏانھن بلا ڌر جي ماڻھن جو چوڻ آھي ته سول ڪپڙا پھريل پوليس اھلڪارن بِنا جواز گھرن ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪئي، جنهن تان کين روڪيو ويو.