ٽنڊوآدم ( ن پ ا) انصاري اتحاد جي اڳواڻن پاران سرڪاري ڌر تي مبينا ڌانڌلين جا الزام،  پولنگ اسٽيشنن تي فوج ۽ رينجرز مقرر ڪرڻ جي گهر رپورٽ موجب ٽنڊو آدم ۾ انصاري برادري جي چيئرمين ارشاد علي انصاري ميونسپل ڪميٽي جي 4 وارڊن  تي برادري پاران بيهاريل اميدوارن يوسف انصاري، عمران انصاري، اعجاز علي انصاري، يحي انصاري، جميل انصاري ۽ ٻين سان گڏجي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سرڪاري ڌر تي مڪاني چونڊن ۾ ڌانڌلين جا الزام ھڻندي چيو ته اسان جي اميدوارن کي ڌمڪيون ڏيئي ڊيڄاريو پيو وڃي ته جيئن اسان ميدان ڇڏي هليا وڃون . هنن خدشو ڏيکاريو ته 200 هٿياربند ماڻهو گهرايا ويا آهن جيڪي پولنگ واري ڏينهن پولنگ اسٽيشنز تي قبضو ڪندا ۔ هنن چيو ته پرزائيڊنگ آفيسر به پنهنجا لڳايا ويا آهن  هنن ڊي آر او سانگهڙ سميت اعلي اختيارين کان گهر ڪئي ته ميونسپل جي وارڊ نمبر 13، 14، 15۽ 17 جي پولنگ اسٽيشنز کي حساس قرار ڏيئي سي سي ٽي وي ڪيمرائون نصب ڪرڻ سان گڏ امن و امان لاء فوج ۽ رينجرز مقرر ڪئي وڃي ۽ چونڊن کي شفاف بڻائڻ لاء اسان جا خدشا دور ڪيا وڃن .