شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ميونسپل ڪاميٽي جي وارڊ 13 تي آزاد اميدوار جي ڊي اي جي حق ۾ دستبردار ٿي ويو خبر موجب شھدادپور ميونسپل ڪاميٽي جي وارڊ 13 تي چونڊ وڙھندڙ آزاد اميدوار ايڊوڪيٽ ڪاشف رضا راجپوت جي ڊي اي اڳواڻن محمد بخش خاصخيلي، ماهي خان وساڻ جي موجودگي ۾ جي ڊي اي  جي اميدوار ارشد عرف اڇو راجپوت جي حمايت ڪندي سندس حق ۾ هٿ کڻي ويو. تقريب کي خطاب ڪندي جي ڊي اي اڳواڻن چيو ته بلدياتي چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي ناظمي دور وانگر شھدادپور شھر جي ڀلائي ۽ بهتري لاءَ ترقياتي ڪم ڪرايا ويندا. جي ڊي اي اميدوار ارشد عرف اڇو راجپوت موجب شھرين مٿس اعتماد ڪندي ووٽ ڏيڻ جي حامي ڀري آهي. جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي سوڀارو ٿي شھرين ۽ علائقي واسين جي خدمت ڪندس.تقريب ۾ محمود وساڻ،محسن وساڻ،رائو امام الدين ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي،