لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن طرفان ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪري وڏا پينافليڪس لڳائڻ تي سچل ٽائون جي يونين ڪاميٽي 3 تي پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ جي ڊي اي سان واسطو رکندڙ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين کي خط لکي  قسم نامو جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي ٻي صورت ڪاروائي جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ اليڪشن آفيسر ۽ ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر لاڙڪاڻو ڪاشف عنايت پاڪستان پيپلز پارٽي سان واسطو رکندڙ سچل ٽائون ڪاميٽي جي يونين ڪاميٽي ٻه تان چيئرمين جي اميدوار دانش احمد لغاري ۽ وائيس چيئرمين اميدوار سرفراز حسين ۽ ساڳي ئي يوسي تي جي ڊي اي چيئرمين اميدوار شاهد حسين سومرو ۽ وائيس چيئرمين شعيب احمد جوڻيجو کي ڌار ڌار خط اماڻي موقف اختيار ڪيو آهي ته مختلف ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته توهان وڏي سائيز جا پينافليڪس لڳائي چونڊ مهم هلائي رهيا آهيون جيڪو عمل اليڪشن ڪميشن جي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي آهي اوهان کي ذاتي طور يا پنهنجي صلاحڪار پيش ٿي لکت ۾ جواب داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ٿي وڃي ٻي صورت اوهان سخت اليڪشن اڪيٽ 2017 تحت ڪاروائي ڪئي ويندي.