قاضي احمد ( ن پ ا) يونين ڪائونسل بھاول شاھه تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٽڪيٽ تي وائيس چيئرمين طور پ پ جي اميدوار سامهون مڪاني ادارن جي اليڪشن وڙھندڙ علي بھار لاکو  قاضي احمد جي عدالت ٻاھران دانهيندي چيو آھي ته منهنجي  سڳي سئوٽ جان محمد لاکو جي معصوم پٽ  ڪاشف علي لاکو کي ڪچي جي پوليس ٿاڻي کاھ جي ايس ايڇ او  کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏيو آھي جيڪو اڃا تائين گم آھي هن چيو ته پي ٽي آءِ جي پليٽ فارم تي اليڪشن وڙھڻ سبب انتقامي ڪاروايون ڪيون پيون وڃن هٿ کڻڻ لاء دٻاءُ وڌو پيو وڃي ٻئي طرف کاھ پوليس هٿان کنڀي گم ڪيل پي ٽي آءِ جي سپورٽر جان محمد  لاکو ٻڌايو آھي ته پوليس منهنجي پٽ کي بيگناھ موٽر سائيڪل سميت گرفتارڪري گم ڪيو آھي پوليس انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آھي ظلم ڪيو پيو وڃي هوڏانهن ڪچي جي  کاھه پوليس هٿان گرفتار ڪري گم ڪيل نينگر ڪاشف علي لاکو جي والد جان محمد لاکو پٽ جي ناحق گرفتاري خلاف سيشن ڪورٽ نواب شاھ جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي آھي جنهن تي عدالت 20 جون تي کاھ پوليس ايس ايڇ او کي طلب ڪري جواب گهري ورتو آھي.