ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم۾پاسبان ڊيموڪريٽڪ پارٽي پاران اڳواڻن سلطان خاصخيلي، شير محمد خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ خاصخيلي برادري جي ٽن نوجوانن اياز خاصخيلي، جمن خاصخيلي ۽ اڪبر خاصخيلي جي قتل ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار زاھد عمراڻي ۽ گل حسن مڪراني کي گرفتار نه ڪرڻ تي پوليس خلاف علامتي بک هڙتال ڪئي ڪيمپ تي مختلف سياسي سماجي ڌرين ۽ ٻين پھچي ساڻن ٻڌي جو اظھار ڪيو. ان موقعي تي سلطان خاصخيلي چيو ته جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا ته سي ايم هائوس آڏو ڌرڻو هڻنداسين.