خيرپور (رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمد علي قريشي چيو آهي ته فوڊ سينٽرن تي پينا فليڪس لڳايا وڃن ته جيئن آبادگارن کي معلومات ملي سگهي، بارداني جي تقسيم دوران شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس جي درٻار هال ۾ بارداني جي سلسلي ۾ ڪوٺايل گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. گڏجاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر سميت سمورن اسسٽنٽ فوڊ ڪنٽرولرز شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر خطاب ڪندي چيو ته حقيقي آبادگارن کي سنڌ حڪومت جي پاليسي تحت باردانو فراهم ڪيو وڃي ان سلسلي ۾ ميرٽ کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ڪنهن به آبادگار سان ناانصافي نه ٿئي جڏهن ته آبادگارن جي معلومات خاطر سمورن فوڊ سينٽرن تي پينافليڪس پڻ لڳايا وڃن ته جيئن مقرر وقت دوران هدف حاصل ٿي سگهي.