گهوٽڪي(رپورٽر) گهوٽڪي جي رحموالي محلي جي رهواسين شير محمد ملڪ ۽ رضا محمد ملڪ صحافين آڏو احتجاج ڪندي ٻڌايو ته ڪاري وردي پهريل اهلڪار ڪار جي مستري پٽ خان محمد ملڪ کي کڻي ويا آهن، پوليس اهلڪارن خاموش رھڻ لاءِ دٻاءُ وجهي سمورن گهرڀاتين کي هڪ ڪمري ۾ بند ڪيو. شير محمد ملڪ جو چوڻ هو ته خدشو آهي ته پوليس خان محمد ملڪ کي ڪنهن جڙتو مقابلي ۾ فل يا هاف فراءِ نه ڪري ڇڏين.