ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم لڳ ٽرين ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، ٽرينن جي اچ وڃ معطل، خبر موجب گذريل رات دير سان  ٽنڊوآدم لڳ خداآباد ڦاٽڪ وٽ ٽرڪ ۽ ڪراچي کان راولپنڊي ويندڙ تيزگام ٽرين ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو، جنهن سبب ٽرينن جي اچ وڃ ڪيترائي ڪلاڪ معطل ٿي وئي، جڏهن ته ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، اطلاع تي ڊي ايس پي ٽنڊوآدم ۽ ريلوي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي صورتحال جو جائزو ورتو، جڏهن ته بعد ۾ ٽرينن جي آمدرفت بحال ڪئي وئي، ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ريلوي ڦاٽڪ تي مقرر گيٽ مين جي موجود نه هجڻ سبب ڦاٽڪ جو گيٽ کليل هو، جنهن سبب حادثو پيش آيو، هوڏانهن ريلوي اختيارين جو چوڻ آھي ته ٽرڪ خراب ٿيڻ سبب حادثو ٿيو،