حيدرآباد (بيورو) حيدرآباد آل سنڌ سنگيتڪار ايسوسيئيشن ۽ وائيس آف ڪوهستان پاران ڀارت مان آيل سنڌي فنڪار پريم ڀارتي سان شام ملهائي وئي. لطيف آباد جي مهراڻ آرٽ ڪائونسل ۾ پريم سان ملهايل شام دوران اتر سنڌ سان تعلق رکندڙ سُريلي فنڪار استاد عبدالغفور سومري ”ڪو آ رحمان جي پاسي، ڪو آ ڀگوان جي پاسي“ گيت ڳائي سندس آجيان ڪئي. ڀارت جي گجرات واري علائقي صورت ۾ رهائش پذير پريم ڀارتي جو ناناڻو ۽ ڏاڏاڻو خاندان ڪوهستان ۾ رهائش پذير آهي. ننڍي عمر کان ڳائڻ جي شروعات ڪندڙ پريم هن وقت سنڌي، اردو، گجراتي سميت 8 ٻولين ۾ گيت ڳائي ٿو جڏهن ته هن 42 گجراتي فلمن ۾ پڻ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي. ”پنهنجي اخبار“ سان ڳالهائيندي پريم ڀارتي چيو ته هو پهريون ڀيرو پاڪستان آيو آهي جتي سُرن ۽ سازن سان پيار ڪندڙ سنڌ واسين کيس ڀرپور مڃتا ڏني جيڪا هو ڪڏهن به نه وساريندو. هن چيو ته هن ٻارهين ڪلاس کان ڳائڻ شروع ڪيو. موسيقي کيس تمام گهڻي وڻندي هئي ۽ موسيقي سان عشق ئي کيس گلوڪار بڻائي ڇڏيو آهي. پريم ڀارتي فن جو مظاهرو ڪندي سندس خاندان سنڌ سان سلهاڙيل هئڻ سبب ”ها مان سنڌي آهيان“ گيت ڳائي محفل ۾ ڳائڻ جي شروعات ڪئي. وائيس آف ڪوهستان ۽ آسا جي اڳواڻن چيو ته ڀارت ۾ رهائش پذير نوجوان گلوڪار جي حيدرآباد آمد تي هو تمام گهڻا خوش آهن. سنڌ سُرن ۽ سازن جي ڌرتي آهي جڏهن ته راڳي امن جا سفير آهن. پريم ڀارتي جي حيدرآباد سميت ٻين ضلعن ۾ رهڻ سان هو ڀارت کي امن جو پيغام اماڻڻ چاهين ٿا.