ميروخان (ن پ ا ) ميروخان ويجهو ڳوٺ پيارو مگسي جي رهواسي کوسا برادري  جي عورتن، مردن ۽ معصوم ٻارڙن خان واھ ڀرسان روڊ تعمير ٿيڻ خلاف ٺوڦ چوسول ڀرسان ميروخان – لاڙڪاڻو روڊ وٽ کٽ تي پاڪ ڪتاب رکي ڌرڻو هنيو.امين کوسو، واجد کوسو، فياض کوسو، آصف کوسو، فاروق کوسو ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي انتظاميه ۽ پوليس بااثرن جي چوڻ تي خان واھ وٽ روڊ تعمير ڪرائي رهي آهي، جنهن سان اسان جون زمينون مڪمل طور تي غيرآباد ٿي وينديون.هنن چيو ته مزاحمت ڪرڻ تي پوليس چڙهائي ڪري راڻي خاتون، صدام کوسو، رستم کوسو ، آصف کوسو تي تشدد ڪري ٻن ماڻهن حاجي وزير کوسو ۽ رياض کوسو کي گرفتار ڪري وئي.نوٽيس وٺي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻي پاسي رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ميروخان ٻڌايو ته ڳوٺ پيارو مگسي جو بااثر الهڏنو کوسو روڊ جو ڪم بند ڪرايو آهي.ڊي سي ۽ ايس ايس پي جي حڪم تي رستو ۽ روڊ جو ڪم  بحال ڪرائڻ لاءِ پهتاسين ته اتي موجود ڳوٺاڻن پوليس سان جهيڙو ڪيو.