ڄامشورو(رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ مقررن شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جي تاريخ تي ڪيل تحقيقي ڪم ۽ معاشري جي سڌاري لاءِ ادا ڪيل ڪردار کي ساراهيندي چيو آھي تہ نوجوانن کي سنڌ سميت خطي جي تاريخ بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ چٽاڀيٽيءَ جي امتحانن جي تياريءَ لاءِ شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ جا ڪتاب پڙھڻ گھرجن، جيڪي ڄاڻ جي کاڻ آھن. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ يونيورسٽي جي مسلم ھسٽري شعبي ۾ مرزا قليچ بيگ چيئر پاران قليچ جي تاريخ تي ڪيل ڪم جي حوالي سان منعقد ڪيل ليڪچر پروگرام کي خطاب ڪندي ڪيو. چيئر جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر نواب ڪاڪا چيو ته ٽالپرن جي دور ۾ فارسي سنڌ جي سرڪاري ٻولي هئي پر انگريزن جي دور ۾ ان ٻوليءَ جو بتدريج زوال ٿيو، تنهن هوندي به ان وقت سنڌ ۾ ادبي شخصيتون، تصوف، مورخ ۽ فارسي زبان جا ٻيا عالم موجود ھئا، جيڪي پنھنجو تحقيقي ڪم سرانجام ڏيندا رھيا فارسيءَ ۾ سنڌي دانشورن جا ڪارناما به ڪافي تعداد ۾ موجود آهن، جن سچل سرمست، لعل شهباز قلندر، مير ڪرم علي خان، مير مراد علي خان، مير صوبدار خان، نواب ولي محمد لغاري ۽ مرزا خسرو جا شعر پڙهيا آهن. ان موقعي تي استادن، اسڪالرن ۽ شاگردن توڙي شاگردياڻين جو وڏو انگ موجود ھو.