حيدرآباد (بيورو رپورٽ) هارياڻين، مزدور عورتن ۽ سماجي اڳواڻن گهر ڪئي آهي ته زرعي زمينن تي تيزي سان ٿيندڙ والار جو نوٽيس وٺي ايندڙ وقت ۾ خوراڪ جي سنگين بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن. انساني حقن جي تنظيم ايڇ آر سي پي جي آفيس ۾ سائوٿ ايشيا پارٽنرشپ پاڪستان پاران حيدرآباد جي 5 يونين ڪائونسلن هٽڙي، ٻرهام، موسيٰ کٽياڻ، سانوڻ خان گوپانگ ۽ هوسڙي ۾ جذبه پراجيڪٽ تحت فيصلا سازي ۾ عورتن جي شموليت جي حوالي سان ورڪنگ لوڪل گورنمينٽ گروپ ۽ وومين واٽر نيٽ ورڪ جي عورتن سان ويهڪ منعقد ڪئي وئي. هٽڙي واسڻ بيروزگار هارياڻي چمپا پنهنجي ڏک جو اظهار ڪندي شڪايت ڪئي ته ماڻهن جو ڌيان تمام وڏي مسئلي ڏانهن نٿو وڃي جيڪو انسان جي خوراڪ ۽ جياپي جو ذريعو آهي. اسان هاري هئاسين ۽ هارپو ڪري پيٽ گذر ڪندا هئاسين پر جڏهن کان زرعي زمينون رهائشي اسڪيمن جي ورچڙهڻ شروع ٿيون آهن تڏهن کان هاري بک ۽ بيروزگاري جي ورچڙهڻ شروع ٿيا آهن. يوسي ٻرهام جي رهواسڻ سماجي اڳواڻ فرحانه سولنگي چيو ته حيدرآباد تعلقو ٻهراڙي ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار آهي. تعليم جي مسئلن سميت بيروزگاري ۽ منشيات نوجوان نسل کي ذهني طور تي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي.  هن چيو ته اسان جي علائقن ۾ اسڪولن جي کوٽ آهي. نياڻين جا اسڪول ناهن. پرائمري کان اڳتي نياڻيون تعليم نٿيون حاصل ڪري سگهن. ٽرانسپورٽ جي سهولت نه هئڻ سبب پرائمري کانپوءِ جي تعليم شهر مان حاصل ڪرڻ ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن. زمرد ڀٽي چيو ته حيدرآباد ۾ نياڻين جي سرڪاري اسڪول جي صورتحال خراب آهي.  هوسڙي جي زرينا ٻڌايو ته اسان جا علائقا بنيادي سهولتن، پيئڻ جي صاف پاڻي، بجلي، گئس ۽ ڊرينيج جي نظام کان به محروم آهن. غربت پورهيت گهراڻن جي عورتن کي ذهني اذيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. سائوٿ ايشيا پارٽنرشپ پاڪستان جي اڳواڻ شهناز شيدي چيو ته ميڊيا کي زرعي زمينن جي رهائشي ڪالونين ۾ تبديل ٿيڻ واري مسئلي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.