فريدآباد(ن پ ا)  فريد آباد ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران سنڌي ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ بابت ليڪچر پروگرام ٿي گذريو، ليڪچر پروگرام ۾ جئي سنڌ محاذ جي مرڪزي چيئرمين قانوني ماھر ايڊووڪيٽ عبدالخالق جوڻيجو خطاب ڪندي چيو ته سنڌي جي وسيلن تي قابض ڌاريا ماڻهو آهن، اسان وٽ تيل گيس معدني وسيلا وڏي مقدار ۾ آهن اسان جي معيشت تي سامراجي ٽو لو قابض آهي ھن چيو ته پ پ به ڌارين اڳيان بيوس بڻيل آهي اسان وٽ اقتدار ۾ ڀاڙيا ويٺل آهن ھن چيو ته مائوزي تنگ جو چوڻ آهي ته جڏهن اوھان مسئلن ۾ منجھي پئو ته ماڻهن ۾ وڃو، اسان تي مصيبت آئي آهي ته اسان کي اھم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، پنهنجا مسئلا پاڻ حل ڪرڻا پوندا پنهنجي ڌرتي ۽ وسيلن تي پنهنجو اختيار حاصل ڪرڻو پوندو،  ايس يو پي اڳواڻ عبدالڪريم چانڊيو چيو ته سنڌ اندر ھڪ وڏي سازش تحت ڌارين ماڻهن جي يلغار اچي رھي آھي سنڌ جا حڪمران کين روڪڻ بجاءِ سھولتڪاري وارو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن انهن کي ڪالونيون ٺاھي ڏين ٿا. ڪامريڊ نذير چانڊيو، نادر چانڊيو، مختيار چانڊيو، سلمان چانڊيو ٻين به خطاب ڪيو.