لاهور(شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا سائرا يوسف ٻي شادي بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو آهي. تازو هڪ ڊجيٽل چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ سائره يوسف چيو ته مان ٻيهر شادي جو سوچي رهي آهيان ڇاڪاڻ ته شادي خوبصورت هوندي آهي ۽ منهنجو خيال آهي ته انسان اڪيلو ڇو رهي؟ هن چيو ته مان هڪ ماءُ آهيان ۽ منهنجي ڌيءُ وڏي ٿيندي ته هن جي پنهنجي ذاتي زندگي هوندي ۽ مان پنهنجي ڌيءُ کي مرضي موجب زندگي گذاريندي ڏسڻ چاهيان ٿي. هن وڌيڪ چيو ته زندگي ۾ ساٿي جي ضرورت هوندي آهي جنهن سان زندگي سولي ٿي ويندي آهي.