دوحا (شوبز نيوز) پاڪستاني فلم دي ليجنڊ آف مولا جٽ رليز ٿيڻ سان ئي مقبوليت جا نوان رڪارڊ قائم ڪري رهي آهي. سڄي دنيا ۾ فلم جي رليز کانپوءِ دوحا ۾ ورلڊ پريميئر لاءِ قطر حڪومت طرفان مولا جٽ ٽيم کي دعوت ڏني وئي. ان موقعي تي مولا جٽ جي اداڪارن سميت ٽيم سان ملاقات لاءِ مال آف قطر ۾ هزارين شوقين شريڪ ٿيا، جتي مداحن اداڪارن سان گڏ سيلفيون ورتيون. واضح رهي ته دي ليجنڊ آف مولا جٽ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي وئي آهي.