لاهور(شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور ڳائڻي حديقا ڪياني جي ماءُ ۽ شاعرا خاور ڪياني ڊگهي بيماري کانپوءِ لاڏاڻو ڪري وئي. حديقا ڪياني جي ٽيم انسٽاگرام تي سندس ماءُ جي تصوير شيئر ڪئي ۽ لاڏاڻي جو اطلاع ڏنو جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته خاور ڪياني جو لاڏاڻو چوڏنهن آڪٽوبر تي سندس گهر ۾ ٿيو، هو وڏي عرصي کان بيماري هئي. پوسٽ ۾ ماڻهن کان درخواست ڪئي وئي ته ان ڏکوئيندڙ وقت ۾ خاندان جي ذاتي زندگي ۽ پرائيويسي جو خيال رکيو وڃي ۽ احترام ڪيو وڃي جڏهن ته مداحن کان دعا جي اپيل ڪئي وئي. خاور ڪياني پنهنجي زندگي ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ ان کانسواءِ پاڪستان جا مشهور گيت به لکيا جنهن ۾ ”بوهي باريان“ ۽ اڻويهه سو نوانوي جو گيت ”انتهائي شوق“ شامل آهن.