باڊھه (ن پ ا) باڊھه ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ منعقد ڪئي وئي ٽورنامينٽ ۾ علائقي جي 8 ٽيمن حصو ورتو جنهن جي فائينل ميچ المصطفيٰ اليون بٺ شاخ ۽ تقي شاهه هنٽرس وچ ۾ کيڏي وئي، المصطفيٰ اليون پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 10 اوورن ۾ 155 رنز ٺاهيون، تقي شاهه هنٽرس 9.1 اوورن ۾ هدف پورو ڪري فائيل ميچ کٽي ورتي، بهترين راند جو مظاهرو ڪرڻ تي تقي شاهه جي ٽيم جي بيٽسمين سالار ڍڪڻ کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو جڏهن ته ٽورنامينٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون اسڪور ڪرڻ تي تقي شاهه جي ٽيم جي بيٽسمين امجد ڍڪڻ کي مين آف دي سيريز جو انعام ڏنو ويو، هوڏانهن ٽورنامينٽ جي فاتح ٽيم کي ونر ٽرافي ۽ ڪيش انعام جڏهن ته المصطفيٰ اليون کي رنر ٽرافي ڏني وئي.