سڊني(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ کان اڳ سمورن ڪپتانن فوٽو شوٽ مڪمل ڪري ورتو آهي. فوٽو شوٽ جي فوري بعد ڪپتان بابراعظم ورلڊ ڪپ ۾ شريڪ سمورين ٽيمن جي ڪپتانن سان گڏ پنهنجي 28 هين سالگره جو ڪيڪ ڪٽيو. ڀارتي ڪپتان روهت شرما سميت ٻين ڪپتانن بابراعظم کي مبارڪ ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، ڪيڪ ميزبان ملڪ جو ڪپتان ايرون فنچ طرفان آندو ويو هو.