ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽي جي ضلعي انتظاميا لڏپلاڻ ڪندڙ مهمان پکين جي ماري توڙي وڪري خلاف ڪاروائي ڪندي پکي وڪرو ڪرڻ جي الزام ۾ هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري 8 پکي هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. انتظاميا جي پڌرائي موجب ٺٽي جي وائلڊ لائيف کاتي جي ٽيم ۽ پوليس جي مدد سان يوسي سونڊا جي مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي پکي وڪري ڪندڙ هڪ ڄڻي عبدالرحمان گندري کي گرفتار ڪري مختلف قسمن جي 8 مهمان پکين نيرڳي ، آڙي ، چيڪلو ، ڊگوش کي هٿ ڪري ويرتو آهي هينڊ آئوٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻائيندي چيو ويو آهي ته غير قانوني شڪارخلاف قانون تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي مهمان پکين جي شڪار توڙي وڪري جي هرگز اجازت نه ڏيندي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف پڻ سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.