بڊاڻي (ن پ ا)   بڊاڻي لڳ گنڊير لنڪ روڊ سنڌو درياءَ جي ڪي ڪي بند وٽ 35 ورهين جي نوجوان جو گوليون لڳل لاش ڏسي ڳوٺاڻن مياڻي پوليس کي اطلاع ڏنو. لاش ٿاڻي آندو ويو، مياڻي پوليس موجب نوجوان کي گوليون لڳل سبب رت ڪافي نڪري چڪي هئي نوجوان جي ڪپڙن مان ڪابه سڃاڻپ واري شي هٿ ڪون آئي آهي لڳي ايئن ٿو ته نوجوان کي ڪنهن ٻئي قتل ڪرڻ بعد لاش کي اڇلايو ويو آهي لاش جي سڃاڻپ اڃان تائين ڪون ٿي سگهي آهي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ بخشاپور اسپتال موڪليو آهي.