حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ايوان زراعت سنڌ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نبي بخش سٺيو چيو آهي ته ڏکڻ سنڌ ۾ ٻوڏ سبب اڃا تائين زمينن مان پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ آبپاشي کاتي ۽ سيڊا جي علمدارن نااهلي جو ڪارنامو سرانجام ڏيندي ڦليلي واهه ۾  وڏي مقدار ۾ پاڻي ڇوڙ ڪري ٻوڏ متاثر ماڻهن جي مصيبتن ۾ وڌيڪ مشڪلاتون پيدا ڪري ڇڏيو آهن. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ڪوٽڙي بئراج مان نڪرندڙ اڪرم واهه سڄو سال وهندڙ واهه آهي. آبپاشي کاتي ۽ سيڊا جي عملدارن واهه ۾ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو آهي. اڪرم واهه تي ڦليلي واهه جي ڀيٽ ۾ ٻوڏ واري صورتحال گهٽ هئي جتي ربيع جي فصلن جي پوک ڪري سگهجي ٿي پر افسوس اڪرم واهه ۽ ان جي گاجا سب ڊويزن جي سمورين شاخن ۾ پاڻي هٿرادو طور تي بند ڪري هزارين ايڪڙن تي ٿيندڙ ڪڻڪ جي پوک کي متاثر ڪيو ويو آهي جنهن سبب آبادگار سخت پريشان آهن ۽ اهڙي صورتحال رهي ته ڏکڻ سنڌ ۾ ڪڻڪ جي پوک جو گهربل هدف حاصل ڪرڻ ناممڪن ٿي ويندو. هن وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ آبپاشي وزير ڄام خان شورو کان مطالبو ڪيو ته اڪرم واهه ۾ پاڻي ڇوڙ بند ڪرڻ جو بنا دير نوٽيس وٺي پاڻي ڇوڙ ڪرائي ڪڻڪ جي فصل جي پوک کي يقيني بڻايو وڃي ٻي صورت ۾ آبادگارن طرفان سخت احتجاج ڪيو ويندو.