ٺٽي ۾ زمين تان قبضو ڇڏائڻ ويل پوليس ۽ روينيو عملدارن تي حملو: ايس ايڇ او ۽ تپيدار سميت 4 ڄڻا زخمي

0
238
ٺٽي ۾ زمين تان قبضو ڇڏائڻ ويل پوليس ۽ روينيو عملدارن تي حملو: ايس ايڇ او ۽ تپيدار سميت 4 ڄڻا زخمي
ٺٽي ۾ زمين تان قبضو ڇڏائڻ ويل پوليس ۽ روينيو عملدارن تي حملو: ايس ايڇ او ۽ تپيدار سميت 4 ڄڻا زخمي

ٺٽو: ٺٽي ويجهو 103 موري ڀرسان عدالتي حڪم تي زمين تان قبضو ڇڏائڻ لاءِ ويل پوليس ۽ روينيو عملدارن تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ تپيدار ۽ 3 پوليس اهلڪارن سميت 4 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن

پوليس ۽ روينيو انتظاميا موجب پنهور ۽ نوتيار برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي معاملي تان هلندڙ تڪرار بابت ٺٽي جي عدالت نوتيار برادري جي ماڻھن کان قبضو ڇڏرائڻ جو حڪم ڏنو هو

ڊي ايس پي ٺٽو موجب عدالتي حڪم تي نوٽيسز جاري ڪرڻ باوجود قبضو خالي نه ڪيو ويو، قبضو خالي ڪرائڻ لاءِ پوليس ۽ روينيو ٽيم زمين تي پهتي ته نوتيار برادري جي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني

ڊي ايس پي موجب فائرنگ جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او ٺٽو، تپيدار، هڪ ليڊي پوليس اهلڪار، جمعدار زخمي ٿي پيا آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

مختيارڪار ٺٽو اقتدار رسول بهراڻي موجب زخمي تپيدار علمدار شاھ کي مٿي ۾ گولي لڳي آھي، سندس حالت ڳڻتي جوڳي آھي

هٿياربندن مورچابند ٿي فائرنگ ڪئي، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، عدالتي حڪم تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي

هي به پڙهندا

گهوٽڪي ويجهو پوليس چوڪي تي حملو، 2 پوليس اهلڪار شهيد، هڪ زخمي