جسٽس منير ملڪ ٽوڙڻ جو زهريلو ٻج پوکيو، 71 وارو سانحو غلط عدالتي فيصلو هو: قاضي فائز

0
186
جسٽس منير ملڪ ٽوڙڻ جو زهريلو ٻج پوکيو، 71 وارو سانحو غلط عدالتي فيصلو هو: قاضي فائز
جسٽس منير ملڪ ٽوڙڻ جو زهريلو ٻج پوکيو، 71 وارو سانحو غلط عدالتي فيصلو هو: قاضي فائز

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي سينئر ترين جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته جسٽس منير ملڪ ٽوڙڻ جو زهريلو ٻج پوکيو، 71 19وارو سانحو غلط عدالتي فيصلي پيش آيو هو

 اسلام آباد ۾ آئين جي گولڊن جوبلي واري تقريب کي خطاب ڪندي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته آئين ۾ پاڻمرادي نوٽيس واري شق ڪنهن کي فائدو ڏيڻ لاءِ نه پر مظلومن جي تحفظ لاءِ رکي وئي آهي، آئون ڪنهن کي فائدو ڏيڻ لاءِ اها شق استعمال نه ٿو ڪري سگهان

 هن چيو ته پاڪستان ٽوڙڻ جو زهريلو ٻج جسٽس منير پوکيو هو، 1971 ۾ ملڪ ٽٽڻ جو وڏو سبب غلط عدالتي فيصلو هو، فيصلو غلط آهي ته غلط ئي رهندو پوءِ ڀلي اهو اقليت جو هجي يا کڻي اڪثريت جو ڇو نه هجي

 هن چيو  ته ظالم چوي ٿو ته منهنجي مرضي پر آئين چوي ٿو عوام جي مرضي، تاريخ پڪاري رهي آهي ته ماضيءَ جي غلطين مان سبق سکون،  اسان حلف کنيو آهي ته آئين ۽ قانون جو تحفظ ۽ دفاع ڪنداسين، جيڪڏهن اسين ان کان پوئتي هٽياسين ته پوءِ اها پنهنجي عهدي سان ناانصافي ٿيندي

 سينئر ترين جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وڌيڪ  چيو ته ناانصافي نانصافي هوندي آهي ۽ ڪا به ناانصافي گهڻي دير تائين نه ٿي هلي سگهي

هي به پڙهندا

جيڪڏهن چونڊن لاءِ فنڊز فراهم نٿا ڪيا وڃن ته ان جا نتيجا سنگين نڪري سگهن ٿا: چيف جسٽس