ٽارگيٽ بڻائي قتل ڪيل رٽائرڊ ايس پي جي پٽ جي ڪيس ۾ اڳڀرائي، جوابدار جيل حوالي

0
276

حيدرآباد: قاسم آباد ۾ ٽارگيٽ بڻائي قتل ٿيل رٽائرڊ ايس پي احمد جمالي جي پٽ جي قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 7 جي عدالت گرفتار چئني جوابدارن کي 10 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو

نسيم نگر پوليس جسماني رمانڊ پورو ٿيڻ بعد جوابدار امام علي چانڊيو. وارث چانڊيو،  وحيد علي قادري ۽ مهرالله راهوجو کي رمانڊ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو

پوليس عدالت کي آگاهي ڏني ته جوابدارن ارسلان جمالي کي قتل جو اعتراف ڪيو آهي. عدالت جاچ آفيسر جي بيان بعد چئني جوابدارن جو جڊيشل رمانڊ منظور ڪندي کين جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو

هفتو اڳ نسيم نگر واري علائقي ۾ ٻن موٽرسائيڪلن سوار 4 هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان ارسلان عرف نويد جمالي کي قتل ڪيو هو

اي ايس پي ڪينٽ علينه راڄپر واقعي جي ٻن ڏينهن بعد پريس ڪانفرنس ڪندي جوابدارن جي گرفتاري ظاهر ڪئي هئي

هي به پڙهندا

ديا ڀيل قتل ڪيس: جوابدارن جي ضمانت منظور: آزاد ڪرڻ جو حڪم