ٺٽي واسي رحمت الله مير بحر پاران آرٽيفشل انٽيليجنس جي مدد سان موهن جي دڙي جون ٺاهيل تصويرون وائرل: ساراهه ۽ بحث

0
317

 سونڊا ضلعي ٺٽي جي نوجوان رحمت الله ميربحر آرٽيفشل انٽيلجنس جي مدد سان موھن جي دڙي جون تصويرون ٺاهيون، اي آءِ جي مدد سان سنڌو تھذيب کي اخذ ڪري پيش ڪيو آهي. رحمت الله ميربحر ڪينجھر  ڀرسان سونڊا جي شھر جو رھواسي آهي، موهن جي دڙي بابت تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن، سوشل ميڊيا تي جتي آرٽ ۽ آرٽسٽ جي ساراهه ٿئي پئي اتي وري تاريخ تي بحث به ڪيو ويو ته اتي وري پيش ڪيل فن بابت راءِ جو اظهار پڻ ڪيو ويو، ان حوالي سان علي عابد سومرو تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته آرٽيفيشل انٽيليجنس (مصنوعي عقل) جي مدد سان  ضلعي ٺٽي جي ڳوٺ سونڊا سان تعلق رکندڙ ڪمال جي نوجوان آرٽسٽ رحمت الله ميربحر  پاران موهن جي دڙي جون ٺاهيل خيالي تصويرون جيڪي حقيقت جي تمام ويجهو نظر اچن ٿيون. ڪمال جو فن آهي، لال محمد چانڊيو تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته جنهن به دوست هي ڪم ڪيو آهي ان لک لک سلام جنهن سنڌ جي تهذيب کي اجاگر ڪيو آهي، جنهن تي شبانه ميمڻ سنڌ ۾ تباهي واري تصوير شيئر ڪندي لکيو ته هي جديد سنڌ آهي ۽ اوهان جون شيئر ڪيل تصويرون خيالي سنڌ آهي، محمد خان جمالي تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته سموري دنيا جو چڪر لڳايو پر اھڙا ڪاريگر ۽ انھن جو شاھڪار فن منھنجي ڌرتي کانسواءِ ڪٿي به نه ملندو. شير بانو ڪاڪا تصوير شيئر ڪندي لکيو ته تون منهنجو جنم آهين مان تنهنجو جنم آهيان..!  هٿرادو ذهانت جي مدد سان موهن جي دڙي جي ڇوڪريءَ جي تصوير ڪمال جي آهي. جنهن تي اياز حسين عباسي لکيو ته سانوري ؟شير بانو ڪاڪا لکيو ته ڌرتي ڌڻين جو اهو ئي رنگ هو ۽ آهي، عزيز رانجهاڻي لکيو ته بلڪل، ڪمال آهي، مولابخش جمالي لکيو ته واهه واقعي ڪمال جي تصوير آهي، فضل رحمان جوڻيجو لکيو ته محبت رنگ نسل ڪونه ڏسندي آھي بس مصور جي مرضي آھي جيڪو رنگ ڀري اھو سھڻو ئي لڳندو آھي سبحان الله، ڊاڪٽر اڪرم انڍڙ لکيو ته هڪ خوبصورت بگاڙ، هڪ بگاڙ جي خوبصورت آغاز، غلام شبير سهتو لکيو ته سونهن جي ديوي، احمد نواز لکيو ته حقيقت جي تمام ويجهو، ايوب کوسو تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته آرٽيفيشل انٽيليجنس (مصنوعي ذھانت) جي مدد سان  ضلعي ٺٽي جي ڳوٺ سونڊا سان تعلق رکندڙ  باصلاحيت نوجوان آرٽسٽ رحمت الله ميربحر  پاران موهن جي دڙي جون ٺاهيل خيالي تصويرون منظر عام تي آيون آهن، جن ۾ ڪمال جي دلڪشي سمايل آهي. هي تصويرون حقيقت جي گهڻو ويجهڙو سچ ته نظر اچن ٿيون ۽ اهو آشڪار ڪن ٿيون ته هزارين سال اڳ سنڌ جي سنڌين جي زندگي ڪيئن هئي. هي به هڪڙو ڪمال جو فن آهي جنهن جي دل سان آجيان به ڪجي ته ساراهه به فرض بڻجي ٿي. اصل ڳالهه اها آهي ته پنهنجي وطن، ان جي تهذيب کي نشانبر ڪرڻ داد لائق عشق آهي. جنهن تي حبدار جاگيراڻي لکيو ته چيٽ جي پي ٽي تي تي نه صرف تصويرون پر شاعري به ڪئي وڃي ٿي . ناول ڪهاڻيون به لکيون وڃن ٿيون.نعمت سومرو لکيو ته تمام شاهڪار آرٽ، سنڌ کي جاهل سمجهندڙ احمقن کي ٻڌايو ته هي آھي سنڌ جو ٽيلنٽ اکيون کولي ڏسو، رحمت الله ميربحر اسانجو اثاثو آھي کيس جس ۽ مبارڪون، احمد علي صوفي لکيو ته نه وڻ آهي نه درياءَ نه پاڻيءَ مهين جي دڙي کي مصر جي احرامن جيان ڏيکاريو ويو آهي، جنهن تي ايوب کوسو لکيو ته ها اها نشاندهي ضرور اهم آهي ۽ لڳي ٿو ته اها کوٽ رهي اهي ڇو جو موهن جو دڙو درياهه جي ڪنٺ تي قائم ٿيل هو، ڪبير نوحاڻي لکيو ته ڪمال آهي  بلڪل قابلِ داد آهي، نذاقت چانڊيو لکيو ته وڏي ڳالهه آهي زبردست محنت ٿيل آهي، حبدار جاگيراڻي لکيو ته ڪمينٽس پڙھي ڪري شدت سان احساس ٿئي ٿو ته اسان جديد دنيا کان ڪيترو بيخبر آھيون. هرجي لال لکيو ته انتهائي ڪمال جي مصوري ، رحمت الله ميربحر جو فن کي دنيا آڏو اجاگر ٿيڻ گهرجي، محبوب جتوئي لکيو ته ان وقت جي سنڌ اڄ جي سنڌ کان ڪروڙين دفعا ترقي ۾ هئي… اڄ جا لٽيرا سنڌ کي کوکلو ڪري ڇڏيو اٿن… هئي ڙي سنڌ تنهنجا نصيب، سجاد نديم خاصخيلي لکيو ته تمام خوبصورت ۽ ڪمال جي ڪاريگري ۽ فن آھي، آزاد بخاري لکيو ته زبردست پر ماڻھن جي تصويرن جا نقش نگار ميربحرن وارا رکيا اٿائين، امانت وسطڙو لکيو ته موجوده دور جي نوجوانن وٽ ذھانت موجود آھي کين موقعا ڏنا وڃن ادارن کي علمي ترقي لاءِ آزاد ڪيو وڃي ته دنيا کي نوجوانن جي صلاحيتن سان حيران ڪري سگھجي ٿو،سوڍا لڪشمڻ لکيو ته ساراهڻ جهڙي محنت، عابد پرهياڙ، سجاد علي آريجو، آڪاش ميرواهي، تنوير احمد ميمڻ ۽ ٻين به آرٽ ۽ آرٽسٽ جي ساراهه ڪئي، ذوالفقار سولنگي انهن تصويرن تي ٻڌل وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته اسان کي ٻاھران آيل سڌارڻ سيکارڻ نه پر لٽڻ ڦرڻ آيا ھئا اڄ جي بدحاليءَ ۾ مونکي پنھنجا خوشحال ابا ڏاڏا ياد ٿا اچن ، مھانڊن مان ئي مونکي مائٽ ٿا لڳن صفا ماڇي، جنهن تي انو سولنگي لکيو ته بلڪل اسان جي ماڇين جا مھانڊا آھن، اشرف سولنگي لکيو ته دراوڙي نسل جي خوبصورت عڪاسي، اليگزينڊر جاويد لکيو ته ماڇي اوڏ ميربحر ڪنڀر ئي اصل سنڌي هن،  مير خان سنڌي لکيو ته موهن جي دڙي جي وارثن سان ايڪيهين صدي ۾ به انهن کي ٻئي درجي جي حيثيت مليل آهي اڄ به پوک ۽فصل سان هنن جو روح ڳنڍيل آپر سنڌ جا زميندار هنن سان وڏو ظلم ڪري رهيا آهن جڏهن به فصل هنن مسڪينن جو تيار ٿيندو آ ته حساب نه ڪندو آهي ۽ هنن کي لڏائ يڇڏيندا آهن، محمد توفيق سولنگي لکيو ته صفا ڳوٺ وڪڙي جا ماڇي ٿا لڳن جيڪي موهن جي دڙي جي ڀرسان ويٺا آھن، خدا بخش بروهي لکيو ته سڀ ڪجھ صحيح پر پاڻ ڇا پئي ڪيو جي ٻاهران لٽڻ آيا هئا، مجتبيٰ جوکيو لکيو ته بلڪل موهن جي دڙي ۾ رهندڙ ماڇي ۽ ملاح ته هئا، جاويد ڀٽو لکيو ته اوڏن ۽ جوڳين جھڙا مھانڊا اٿن. دودو چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته محقق پڙهي نه سگهيا، مصور پڙهي ويا، ڊاڪٽر آڪاش انصاري لکيو آهي.. زندگي جي ذليل گهڙين ۾ ضياء جي موت جي خبر آهين” يعني اهڙي خبر جيڪا سڀ ڏک، تڪليفون ختم ڪري زندگي کي خوش ڪري ڇڏي، ڪافي ڏينهن بعد ذهن هڪڙي پيڙا ۾ هو اڄ موھن جي دڙي جي تاريخ هن منهنجي لاڙ واسي  مصور پڙهي آهي تنهن سچ ته ٿڪ لاهي ڇڏيا، دل خوش ڪري ڇڏيئي رحمت الله ميربحر، جنهن تي ممتاز بخاري لکيو ته نڪو دريا، نڪو وڻ ٽڻ، ڪو ٻوٽو، ڇا مهين وارو شهر مصر جي اهرامن سان گڏ هو، مختيار ملڪ لکيو ته اهي مصور جون ڪمپيوٽر وسيلي جوڙيل تخيلاتي تصويرون آهي. سٺو ڪم آهي. ان تي 30 سال اڳ ۾ سچل آڊيٽوريم خيرپور ۾ انڊس اسڪرپٽ ۽ موهن جي دڙي بابت هڪ پريزنٽيشن ۾ چار منزلن وارين عمارتن جو گرافڪ ڊزائينون سلائيڊن وسيلي ڏيکاريون ويون. هن موقعي تي ملڪي سطح جا قديم آثارن جا ماهر به موجود هئا. اهو ڪم يقينن هڪ سٺو ۽ ساراه جوڳو عمل آهي پر ان کي ڪو حتمي سمجهڻ نه گهرجي. مصطفيٰ کهاوڙ لکيو ته بلڪل مصور ڪم ڪري ڏيکاريو پر موهن جي دڙي جي ٻولي تي اڄ تائين محققن اديبن ۽ ليکڪن ڪم ناهي ڪيو، جاويد سوز لکيو ته موھن جي دڙي جي حالت خراب آھي انکي بچائڻ جي ضرورت آھي نه ته صرف AI جا فوٽو وڃي بچندا .امتياز احمد لکيو ته آرٽيفيشل انٽيليجينس جو ڪمال آهي. انور عباسي لکيو ته هڪ تصوير ۾ بليو رنگ ۾ هڪ ٿالھه ۾ نيري رنگ جي سامان کي ڏسندي مون کي ٻه ڳالهيون ياد اچي ويون. نيرو رنگ ڏسندي مونکي ٽنڊوباگو جو نيرو درياء ياد اچي ويو. ان وقت کان اڳ موهن جي دڙي ۾ نير وڪامندو هو. حسن درس موجب ننگر ٺٺي ۾ نير مهانگو، ساگر ڀٽي لکيو ته مصور ڪمال ڪري ڇڏيو ، واقعي بہ موھن جي دڙي کي ھڪ مصور جنھن انداز سان پڙھي ۽ دنيا کي ان جو اصل روپ ڏيکاريو آھي اھڙي طرح ڪوبه محقق نه پڙھي سگهيو نه دنيا کي ٻڌائي سگھيو، مير امان الله ٽالپر لکيو ته تمام زبردست شھر ۽ عمارتن جي عڪاسي بھترين چئبي .. البته ماڻهن جا مھانڊا Proto Australoid نسل جا ڏيکاريا ويا آهن جڏهن ته آرين جي آمد کان اڳي موھن جي دڙي جا رھواسي اصل ۾ Mongoloid نسل سان تعلق رکندا ھئا جن جو رنگ صاف ڀوراڻ مائل ھوندو ھو، زبيده جوڻيجو لکيو ته زبردست! ڄڻ وقت ۾ پويان سفر ممڪن ٿي پيو، شڪيل ڇڄڙو تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته مصنوئي ذھانت يعني آرٽيفيشل انٽيليجنس ذريعي سنڌو تهذيب جي سرواڻ شهر موهن جو دڙو ۽ شهر واسين جون تيار ڪيل ڪجھ تصويرون….ڇا ته شاھڪار نظارا آهن….