ڪراچي (شوبز نيوز) نامياري اداڪارا ۽ ميزبان پنهنجي هڪ تازي انٽرويو ۾ بهترين مڙس جون خوبيون بيان ڪيون آهن. تازي انٽرويو ۾ وينا ملڪ کان سوال ڪيو ويو ته هڪ مثالي مڙس ڪيئن هجڻ گهرجي؟ جنهن تي وينا چيو ته سمجهداري ۽ عزت ڏيڻ، اهي ٻه خوبيون آهن، جيڪي آئيڊيل مڙس ۾ هجڻ گهرجن. هن چيو ته پئسي يا صورت سان ڪو فرق نٿو پئي، خوبيون رڳو زال مڙس نه پر هر رشتي ۾ هجڻ گهرجن، ڀلي ان ۾ توهان جو خادم ئي ڇو نه هجي. واضح رهي ته وينا ملڪ، اسد خٽڪ سان شادي ڪئي هئي، جنهن مان کيس ٻن ٻارن جو اولاد به ٿيو پر ڪجهه اختلافن سبب ٻنهي ۾ طلاق ٿي وئي هئي.