ٺٽو/ سجاول/ (رپورٽ: اسماعيل ميمڻ/ رياض ميمڻ) ٺٽي جي شهرين 33ھين ڏينھن به جمشيد قريشي، دلاور شيخ، ڊاڪٽر ولي جاکرو، عرفان ميرجت، عمران خان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٺٽو اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪندي ڌرڻو ھڻي سخت نعري بازي ڪئي. جڏهن ته ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ٺٽي شھر ۾ گذريل چئن مھينن کان پاڻي جو بحران آھي، شھر ۾ پيئڻ جو پاڻي ميسر ناھي، پاڻي فراھمي کي بھتر بڻائڻ لاءِ واڳ ڌڻين ڪوبه تحرڪ ناھي ورتو. ھنن چيو ته شھر ۾ پاڻي جي کوٽ ھجڻ ڪري پاڻي مافيا سرگرم ٿي وئي آھي جيڪا شھرين کي ٻنھي ھٿن سان ڦري ۽ لٽي رھي آھي، انتظاميا به ڪو تحرڪ ناھي ورتو، پاڻي جو في ڪين 50 کان 70 رپيا ۽ في ٽينڪر 3000 کان 5000 ۾ ملي رھيو آھي، غريب ماڻھو ته پيئڻ جي پاڻي کان به محروم بڻجي ويو آھي. ھنن چيو ته ٺٽي مان سڄي ڪراچي کي ته پاڻي سپلائي ڪيو ويندو آھي پر ٺٽي ۾ پاڻي بند پيل آھي، پاڻي بند ھجڻ ڪري پيئڻ جو پاڻي سميت گھر جي ضرورتن لاءِ به پاڻي پئسن تي خريد ڪري رھيا آھن، ڪي ڊي اي مان گھارو، جنگشاھي ۽ ٻين شھرن کي پاڻي ڏنو وڃي ٿو پر ٺٽي شھر لاءِ ڪي ڊي اي مان پاڻي ميسر ناھي، فوري طور ٺٽي شھر کي ڪي ڊي اي مان پاڻي مھيا ڪري شھرين کي پريشاني کان بچايو وڃي. ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.هوڏانهن ايريگيشن کاتي ۽ ٽائون ڪاميٽي سجاول جي انتظاميا جي نااهلي سبب سجاول ۾ واٽر سپلاءِ جي تلائن ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿيڻ سبب شهر ۾ 5 ڏينهن کان واٽر سپلاءِ جي پاڻي جي فراهمي بند هئڻ ڪري شهري شديد تڪليفن کي منهن ڏيڻ لڳا آهن، واٽر سپلاء جي پاڻي جي فراهمي بند هئڻ ڪري شهري پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم بڻجي ويا آهن، جڏهن ته عورتن کي گهرن ۾ ڪم ڪار ۽ مسجدن ۾ وضوع لاءِ پاڻي نه هئڻ سبب نمازين کي پڻ پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي۔ واٽر سپلاء جي پاڻي جي فراهمي بند هئڻ ڪري شهري مجبور ٿي تلائن جي جر ۾ بچيل بدبودار پاڻي 4 کان 5 سئو روپيا في گڏھ گاڏي جو چڪر خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. ان سلسلي ۾ شهرين عبدالرشيد خاصخيلي، شبير ميمڻ، شڪيل ميمڻ، وفا بابو ۽ ٻين لاڳاپيل علمدارن کان مطالبو ڪيو آهي ته جلد کان جلد واٽر سپلاء جي تلائن ۾ پاڻي ڇڏي شهر ۾ پاڻي جي فراهمي بحال ڪري شهرين کي وڌيڪ پريشاني کان بچايو وڃي.