پکو (ن پ ا) پکو ڀرسان ڳوٺ ٻٽين ۾ 5 ورھين جو معصوم ٻارڙو ٽريڪٽر هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو، وارثن جو چوڻ ھو ته معصوم پنھل چانڊيو پنهنجي ھم عمر ٻارن سان گھر جي اڳيان گھٽي ۾ راند کيڏي رهيو هو ته ڊرائيور جي لاپراھي سبب ٽريڪٽر  معصوم ٻار مٿان چڙھي ويو، معصوم جو لاش پھچڻ تي گھر ۾ روڄ راڙو  پئجي ويو ۽ امڙ کي لاش ڏسي بيھوشي جو دورا پئجي ويا.