ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جي آءِ ٽيز جا 23 ۽  ايف ٽي پي جا 21 اجلاس ٿيڻ باوجود ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن فهيم اسلام الدين ۽ سيد طاھر علي بازياب نه ٿيا، سنڌهاءِ ڪورٽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي گھرو سيڪريٽري ذريعي وفاقي حڪومت کان جواب گھري ورتو، ڪالهه ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جي آءِ ٽيز جا 23 ۽ ايف ٽي پي جا 21 اجلاس ٿي چڪا آھن، ان موقعي تي جي آءِ ٽي رپورٽ جمع ڪرائي وئي، محفوظ يارخان ايڊووڪيٽ عدالت کي ٻڌايو ته ھن وقت تائين 24 جي آءِ ٽيز جوڙيون ويون آھن، سڀئي ادارا هڪ ٻئي کي خط لکي رهيا آهن، عدالتي فيصلن جي ڪا اهميت ناهي، سيد طاھر علي 2015ع ۾  قصبه ڪالوني مان گم ٿيو هو،  سندس پيءُ بيماريءَ جي بستري تي آهي، ماءُ پٽ کي ياد ڪندي لاڏاڻو ڪري وئي، عدالت لاڳاپيل ايس پي کي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته 23 مئي تي عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي.