ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ٺٽي جي ڊپٽي ڪمشنر غضنفر قادري کي هٽائي سروسز کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته غلام قادر سومرو کي ڊي سي ٺٽو مقرر ڪيو ويو آهي. هوڏانهن اي ڊي سي ون دادو عبدالاعلي ڀٽو کي بدلي ڪري ايڪسائيز کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري مقرر ڪري ارشاد ڪمالاڻي کي اي ڊي سي ون دادو مقرر ڪيو ويو آهي