ننگرپارڪر (رپورٽ: فيض کوسو) ننگرپارڪر لڳ پريمي جوڙي شادي نه ڪرائڻ تان گڏجي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، شاگرد ۽ شاگردياڻي جا گهرن ڀرسان وڻ مان ٽنگيل لاش هٿ، پوليس موجب وارثن جو چوڻ آهي ته ناري جو سندس مرضي خلاف ٻئي هنڌ مڱڻو ڪرايو ويو هو، خبر موجب ڳوٺ ڪوئاڙا ۾ مسڪين جهان خان کوسو گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ننگرپارڪر ۾ پڙهندڙ مئٽرڪ جي شاگردياڻي ميناوتي ڌيءُ ڌنجي ڪولهي ۽  17 سالن جي انٽر جي شاگرد اجئي ڪمار ولد مانو ڪولهي گهر ڀرسان وڻ ۾ گڏجي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، ٻنهي ڄڻن جا ڦاهو کاڌل لاش هٿ ڪيا ويا، اطلاع تي ننگرپارڪر پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي ڄڻن جا لاش کڻائي تعلقه اسپتال آندا، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، پوليس موجب اسان اطلاع تي واقعي واري هنڌ پهتاسين لاش گڏ ٽنگيل هئا، ڳوٺاڻن کان پڇا ڪئي پر اسان کي ڪو به شڪ نظر نه آيو، ناري ۽ نوجوان هڪٻئي کي پسند ڪندا هئا، ناري جي وارثن سندس مڱڻي مرضي خلاف ڳوٺ ويئل ۾ ڪرائي وئي هئي، جنهن تان هوءَ مائٽن سان ڪاوڙيل هئي، ڪالهه هن پنهنجي پريمي اجئي سان گڏجي انت آڻي ڇڏيو، پوليس موجب وڌيڪ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کانپوءِ خبر پوندي.