ڪراچي(م ڊ) ملڪ ۾ بهار جي موسم شروع ٿيندي ئي گرمي به اچي وئي آهي، ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ ۾ اضافو ٿي ويو آهي. ان خلاف ملڪ جي مختلف شهرن ۾ شهري رستن تي نڪري آيا ۽ احتجاجي مظاهرا ڪيا. ڪوئيٽا، چمن، خيبر، مستونگ، زيارت، لورالائي ۽ خضدار ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. خيبر ۾ احتجاج ڪندڙ گرڊ اسٽيشن ۾ داخل ٿي ويا ۽ سرڪاري فيڊر بند رڪائي مقامي فيڊر کولرائي ڇڏيا. زيارت ۾ احتجاج ڪندڙن ٽائر ساڙيا. ڪوئيٽا ۾ زميندار ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي احتجاج ڪري ڪراچي قلات روڊ لڪ پاس وٽ بلاڪ ڪري ڇڏي.