ٺٽو (رپورٽ: اسماعيل ميمڻ) ٺٽي ويجھو ڇتو چنڊ جي خانگي اسپتال ۾ 13 ورهين جو نينگر شهزادو جاڙو فوت ٿي ويو، وارثن فوت ٿيل نينگر جو لاش رکي ورشهر ۾ مين روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي نينگر جي والد غلام قادر جاڙو الزام هڻندي چيو ته بخار ۾ سبب پٽ کي ڇتو چنڊ جي خانگي اسپتال آندو، جتي ڊاڪٽر پٽ کي انجيڪشن لڳائي، جنهن بعد پٽ جي حالت خراب ٿي وئي، جنهن سبب اسان کيس سول اسپتال ٺٽو آندو پر نينگر فوت ٿي ويو، هن الزام هنيو ته ڇتوچنڊ اسپتال جي ڊاڪٽر پاران غلط انجيڪشن لڳائڻ سبب پٽ جي ٻانهن سڄي وئي ۽ فوت ٿي ويو، موت جو ذميوار ڊاڪٽر آهي سندس خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.