لاڙڪاڻو (رپورٽ نادر ابڙو) ڳوٺ مياڻي عبدالله مغيري جي رهواسڻ 7 ٻارڙن جي ماءُ بادشاهزادي زال قلندر بخش مغيري کي خانگي ميڊيڪل سينٽر ۾ ويم لاءِ داخل ڪرايو ويو، جتي فوت ٿي وئي.وارثن پاران عورت جو لاش کڻي ايس ايس پي چوڪ تي ڌرڻو هنيو.قلندر بخش مغيري پنهنجي وارثن سان گڏجي دانهيندي چيو ته گهرواري کي رحمت پور ۾ قائم خانگي بينظير ميڊيڪل سينٽر ۾ ويم لاءِ داخل ڪيو هو سين، جتي ڊاڪٽر سونم ڪماري 35 هزار فيس ورتي ۽ ويم دوران ڌيءُ جو اولاد ٿيو، جنهن کان پوءِ ڊاڪٽرياڻي پاران منهنجي زال کي انجيڪشن ڪئي ته جنهن ۾ ھو تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي 5 ڪلاڪ گذرڻ کانپوء ڊاڪٽرياڻي منهنجي زال جو لاش ڏنو ويو. هنن چيو اهڙو اطلاع حد جي رحمت پور ٿاڻي جي پوليس کي ڏنو آهي پر پوليس ڪا به ڪارروائي نه ڪئي هنن صحت کاتي جي عملدارن ڊي آء جي لاڙڪاڻو ،ايس ايس پي عمران قريشي کان مطالبو ڪيو ته فوري نوٽيس وٺي غفلت ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.هوڏانهن اهڙي اطلاع تي حد جي پوليس پهچي تفصيل ورتا فوتي عورت جي مڙس کي انصاف جي خاطري ڪرائي جنهن کانپوء ڌرڻو ختم ڪري لاش ايمبولنس ذريعي ڳوٺ کڻائي روانا ٿي ويا جنهنجو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ٻئي طرف خانگي ميڊيڪل انتظاميه رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڊاڪٽرياڻي مٿان لڳايل الزام بي بنياد آھن جڏنهن ته الٽرا سائونڊ وارن غلط رپورٽ جاري ڪئي آھي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته اور نارمل آھي پر اور نارمل نه هئي اها سامهون هئي جنهن کي بچائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر عورت نه بچي سگهي سينٽر انتظاميه جو وڌيڪ چوڻ ھو ته سامهون اور هجڻ سان عورتن جو بچڻ مشڪل هوندو آھي.