عشق ۾ ناڪامي، ملتان واسي نوجوان ملنگ بڻجي ويو

0
455
عشق ۾ ناڪامي

ڪراچي(م ڊ) خدا ۽ محبت ڊرامي جي مرڪزي ڪردار فرهاد سان متاثر ٿي ڪري ملتان واسي نوجوان به محبت ۾ ناڪامي کانپوءِ ملنگ بڻجي ويو. رپورٽ موجب ڏهين ڪلاس جو شاگرد عظيم الله قريشي جمعي ڏينهن حضرت شاهه شمس تبريز جي مزار تي جوڳي واري روپ ۾ وڃي ويهي ٿو ۽ پنهنجي محبت کي ياد ڪري تسبيح پڙهي ٿو.

عظيم الله هر جمعي تي هن آسري ۾ وڃي ويهي ٿو ته جيئن ڊرامي ۾ فرهاد جي ماهي سان ملاقات مزار تي ٿي هئي ائين ئي هن جي وڃايل محبت ڀي هن کي مزار تي مل ويندي. عظيم الله پنهنجي محبت جي باري ۾ ٻڌايو ته هوءَ هِن سان گڏ اسڪول ۾ پڙهندي هئي پر هن عظيم کي دوکوڏنو ۽ ڪنهن ٻئي سان وڃي شادي ڪري ڇڏي، هن کي اُن ڇوڪريءَ سان عشق هو، هو مزار کان ان وقت اٿندو جڏهن هن کي هوءَ ٻيهر ملي ويندي.

ڇوڪريءَ جي بي پناهه محبت ۾ گرفتار عظيم ٻڌايو ته هو محبت ۾ ناڪام هجڻ سان گڏو گڏ امتحان ۾ فيل ٿي ويو، هو ان جي ياد ۾ هتي هميشه لاءِ ويٺو رهندو، جيڪڏهن فيروز خان کي هن جي محبت ملي وئي ته هن کي به ملي ويندي.