ٺل (رپورٽ: حفيظ سومرو) ٺل ۾مامي پاران ڪارنهن تهمت ڏنل نينگري ڪيس ۾ سي سيڪشن پوليس گرفتار سندس ناني مندو بنگلاڻي جي 2 ڏينهن کانپوءِ گرفتاري ظاهر ڪري کيس سول ڪورٽ ٺل ۾ پيش ڪيو، عدالت پنج ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي جوابدار کي پوليس حوالي ڪيو.جوابدار مندو بنگلاڻي وڏيري تي ڏنل ڪارنهن واري الزام تان ڦري ويو، مندو بنگلاڻي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته نينگري تي ڪو به ڪارنهن جو الزام ناهي ڏنو. ڏوهٽي کي ڪارنهن ڏيڻ جو الزام ڪوڙو آهي، اسان جو زمين تي تڪرار هلندڙ آهي. ياد رهي ته پوليس ۽ وڏيري ۾ ٿيل ڊيل تحت جوابدار عدالت ۾ ڪارنهن جو ذڪر نه ڪندو جنهن عدالت ۾ ڪارنهن جو ذڪر به نه ڪيو. هوڏانهن پوليس موجب ٻين جوابدارن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو.هارپو نه ملڻ تي مامي عارب بنگلاڻي نينگري تي وڏيري سان ڪارنهن جو الزام لڳايو هو.