کهڙا (ن پ ا ) گذريل ڏينهن کهڙا ۾  ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي ۾ هڪ ڀاءُ قتل ۽ ٻيو زخمي ٿيڻ وارو مامرو، فوتي ڳوٺاڻي کي اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو، کهڙا ٿاڻي تي 6 جوابدارن خلاف قتل ڪيس داخل ، پوليس جون جوابدارن جي گهرن تي  چڙهائيون هڪ جوابدار گرفتار، قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن: پوليس. ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن کهڙا لڳ ڳوٺ مرچل اڄڻ ۾ رستي تان وڻن جي واڍي تان اڄڻ برادري جي ٻن ڌرين وچ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ هڪ  ڀاءُ ڀاڳيل اڄڻ قتل  ۽ ٻيو ڀاءُ نصير احمد اڄڻ زخمي ٿي پيو هو، فوتي ڀاڳيل اڄڻ کي پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو کهڙا ٿاڻي تي مقتول جي ڀاءُ ممتاز علي اڄڻ جي فرياد تي 6 جوابدارن غلام حسين عرف بيگو اڄڻ، فتح محمد، زاهد حسين، غلام نبي، اصغر علي ۽ هڪ اڻ سڃاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي مقتول جي ڀاءُ ممتاز علي اڄڻ پاران داخل ڪرايل ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدارن سان اسان جو رستي جي ڳالهه تان پراڻو تڪرار هلندڙ هو گذريل ڏينهن مذڪوره جوابدارن چيو ته رستي تان ڇو ٿا لنگهو اهو چئي فائرنگ ڪري ڏني فائرنگ ۾ منهنجو ڀاءُ ڀاڳيل اڄڻ مارجي ويو ۽ ٻيو ڀاءُ نصير احمد اڄڻ زخمي ٿي پيو کهڙا ٿاڻي جي پوليس ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گهرن تي چڙهائيون ڪري ڪيس ۾ نامزد جوابدار فتح محمد اڄڻ کي گرفتار ڪري ورتو آهي هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي کهڙا ٿاڻي جي وڏي منشي سڀر اڄڻ ٻڌايو ته ڪيس ۾ نامزد هڪ جوابدار فتح محمد اڄڻ کي گرفتار ڪري ورتو آهي ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن.