ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ سميت ملڪ جي مختلف حصن مان آيل قديمي آثارن جي ماهرن قديمي ۽ ثقافتي ماڳن کي موسمياتي تبديلين جي نقصانن کان بچائڻ لاءِ ڏنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ سيل قائم ڪري، عجائب گهرن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ فرسٽ ايڊ ريسڪيو مڪينزم جوڙي، ڪنهن به آفت جي صورت ۾ فوري جائزي لاءِ ٽاسڪ فورس قائم ڪري، ورثي جي مالڪي ۽ محفوظ بنائڻ لاءِ شهرين ۾ شعور اجاگر ڪرڻ ۽ آفتن جي حوالي سان خاص فنڊ مختص ڪرڻ جون تجويزون ڏنيون آهن. ڪالهه آرٽس ڪائونسل ۾ انڊوومنيٽ فنڊ ٽرسٽ پاران ” ڊزاسٽر مينجمينٽ ڪلچرل مونومينٽس اينڊ هيريٽيج“ جي سري هيٺ ڪوٺايل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ثنا دراني چيو ته ثقافتي ورثي کي پروفيشنل آرٽ ڪنزرويٽرن ذريعي محفوظ بڻائي سگهجي ٿو، قديم ماڳن جي بچاءُ لاءِ مستقل بنيادن تي سنجيده ڪوششن جي سخت ضرورت آهي. هن تجويز ڏني ته سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي ثقافتي ورثي لاءِ ڊزاسٽر رسڪ مينيجمينٽ يونٽ قائم ڪرڻ جي حمايت ڪرڻ گهرجي، انهي سان قديمي ماڳن ۽ عجائب گهرن محفوظ ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهندي، عامر بازل  چيو ته آفتن سبب ٿيندڙ نقصانن بابت آگاهي لاءِ  هاءِ ريزوليوشن سيٽلائيٽ ڊيٽا جي بروقت تشخيص واري نظام کي استعمال ڪرڻ گهرجي، آرڪيالاجي جي ماهر نديم تارڙ چيو ته  خطري هيٺ آيل قديم ورثن بابت  اڳواٽ مڪمل ڄاڻ هجڻ گهرجي، اها جامع ڄاڻ ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو هوندي آهي. ڪانفرنس ۾ جهانگير صديقي، ڊاڪٽر سحر گل، ڊاڪٽر نيلوفر شيخ، حيدرآباد جي ڊي آءِ جي پير محمد شاهه، نامياري صحافي محمد حسين خان، سينيئر آرڪيٽيڪٽ عارف حسن، ارم چانگ، پرنس مير مهدي ۽ ٻين پڻ ويچار ونڊيندي چيو ته قديم آثار  انتهائي حساس ۽ پراڻا هجڻ ڪري انتهائي نگهداشت جا گهرجائو هجن ٿا، انهي ڪري ٻوڏ کان اڳ سدائين انهن جي هيٺئن حصن جي مرمت ڪري محفوظ بنائڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي آهي، قديم ماڳن کي مستقبل ۾ برساتن، ٻوڏن ، زلزلن ۽ ٻين آفتن کان بچائڻ لاءِ فوري طور ڊزاسٽر مينجمينٽ سيل جوڙيو وڃي، ڪانفرنس ۾ نامياري محقق ۽ ليکڪ اشتياق انصاري جي ڪتاب ” فورٽس آف سنڌ“ جي مهورتي تقريب پڻ ٿي، ڪتاب جي ليکڪ اشتياق انصاري جو چوڻ هو  ته سندس ڪتاب ۾ 50 کان وڌيڪ قلعن جو ذڪر آهي، جن ۾ اهي قلعا به شامل آهن، جيڪي مڪمل طور ڊهي پٽ ٿي ويا آهن، انهن جا نالا به شايد ڪنهن ٻڌا هجن، آرڪيالاجي کاتي جي ڊي جي منظور ڪناسري چيو ته تازو آيل برساتي ٻوڏ کانپوءِ سنڌ حڪومت اهو فيصلو ڪيو آهي ته سنڌ جي قديمي آثارن کي محفوظ بنائڻ لاءِ ماهرن کان تجويزون ورتيون وڃن، انهي سلسلي ۾ آرڪيالاجي کاتي پاران به 11 نومبر تي هڪ ٻي ڪانفرنس ڪرائي ويندي، اڄوڪي  توڙي ٻي ڪانفرنس ۾ ملندڙ تجويزن جي مدد سان حڪمت عملي جوڙينداسين.