ٺل (ن پ ا) ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد بلوچ ڪالوني جا رهواسي 3 نوجوان محمد خان ولد عبدالحق جمالي، عبدالرشيد ولد محمد مريد جمالي ۽ اصغر پٽ امان الله ڀنگر 2 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويا هئا،هوڏانهن ڌاڙيلن وارثن کي فون ڪري 50 لک ڀنگ گهريو آهي، مغوي عبدالرشيد جمالي جي وارثن ٻڌايو ته ڌاڙيلن فون تي رابطو ڪري 50 لک ڀنگ طلب ڪيو آهي اسان غريب آهيون مزدوري ڪري گذر سفر ڪندا آهيون,هنن چيو ته نوجوانن جي بازيابي ۾ مدد ڪئي وڃي پوليس موجب وارثن ڀنگ بابت آگاهه ڪيو آهي. ٻئي پاسي ٺل جي ڳوٺ عبدالڪريم کوسو جا رهواسي2 نوجوان عبدالسميع پٽ عبدالرحمان کوسو ۽ سندس دوست سراج پٽ غلام حيدر کوسو ڪنڌڪوٽ ويندي 8 ڏينهن کان اغوا ٿي ويا هئا. ڌاڙيلن بازيابي لاءِ 30-30 لک ڀنگ طلب ڪيو هو. نصيب الله کوسو جو چوڻ هو ته  ڌاڙيلن ڀنگ جي رقم طلب ڪئي آهي، غريب آهيون رقم ڪٿان آڻيون.