سکر (بيورو رپورٽ) مددگار پوليس انچارج سکر جو پيرسن فقيرياڻيءَ مٿان تشدد، مصروف ترين روڊ تي برقعو لاهي تذليل جو نشانو بڻايو ويو، ٻڍڙي عورت طرفان پوليس کي پٽون پاراتا. سادا ڪپڙا پهريل ون فائيوِ انچارج هٿان ٻڍڙيءَ تي تشدد ڪرڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي. وائرل ٿيل وڊيو ۾ واضح ڏسي سگهجي ٿو ته ون فائيوِ انچارج علي محمد مهر شاليمار ڦاٽڪ ويجهو ايئر فورس آفيس سامهون پيرسن فقيرياڻي کي تشدد جو نشانو بڻائي رهيو آهي. پوليس عملدار پيرسن عورت کي سرعام روڊ تي چماٽون هڻڻ سان گڏ سندس برقعو لاهي ڇڏيو. وڏي تعداد ۾ ماڻهو تماشو ڏسندا رهيا پر ڪنهن به ون فائيوِ انچارج کي تشدد کان نه روڪيو، جڏهن ته متاثر عورت دانهون ڪرڻ سان گڏ پوليس اهڪار کي پٽيندي پاراتا ڏيندي رهي. تشدد جو شڪار ٻڍڙي عورت جو چوڻ آهي ته ٻِي پينو فقيرياڻي عورت سان خيرات وٺڻ جي ڳالهه تان جهيڙو ٿيو، پوليس آفيسر ۽ ان عورت گڏجي وچ شهر ۾ مارڪٽ ڪئي. مان غريب، مسڪين آهيان، سڄو ڏينهن خيرات وٺڻ بعد گهر جي چلهه ٻرندي آهي. هوڏانهن ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ معاملي جو نوٽيس وٺندي ون فائيو انچارج علي محمد مهر معطل ڪري ڪارروائي جو حڪم ڏيندي 24 ڪلاڪ اندر رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.