اسلام ڪوٽ (ن پ ا) سي پيڪ منصوبي کي ڏهه سال مڪمل ٿيڻ تي مختلف سياسي پارٽين جي پارليامينٽرينز جي وفد ٿر ڪول بلاڪ  ٽو جو دورو ڪيو، بلاڪ ٽو ۾ موجود سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جي ڪول مائن ڪوئلي جي کاڻ وٽ مقامي انجنيئرن وفد کي ڪوئلي جي کوٽائي ۽ ان سان جڙيل سمورن ڪمن بابت بريفنگ ڏني، وفد  عورت ڊمپر ڊرائيورن سان ملاقات ڪري سندن ڪم کي ساراهيو ۽  مقامي ملازمن سان پڻ ملاقات ڪئي، وفد کي ٿر ڪول مائننگ رٿا بابت عمير اسلم بٽ بريفنگ ڏني، وفد ۾ سينيٽر مشاهد حسين سيد، فيصل ڪريم ڪنڊي، قرة العين مري، محمد ابوبڪر، ڊاڪٽر مهيش ملاڻي، قيصر احمد شيخ ۽ ڊاڪٽر زرقا سهروردي تيمور شامل هئا، ان موقعي تي ڳالهائيندي مشاهد حسين سيد چيو ته اڄ 2023 ۾ اسان سي پيڪ منصوبي جو ڏهون سال ملهائي رهيا آهيون، سي پيڪ جي ڏهن سالن دوران ترقي ۽ خوشحالي ٿي آهي، پاڪستان جي روشن مستقبل جو بنياد ٿر ۾ رکيو پيو وڃي، ٿر هڪڙو پٺتي پيل علائقو هو، پر هاڻي هتان جون عورتون به وڏي جوش جذبي سان ڊمپر هلائي رهيون آهن، ترقي ۾ ساٿ ڏيڻ تي ٿر ۽ ٿر جي مقامي آبادي  جا ٿورائتا آھيون، ان کان علاوه ترقي ۾ ساٿ ڏيڻ ۽ ڀروسو ڪرڻ تي چين جهڙي دوست ملڪ جا ٿورائتا آهيون، هن چيو ته سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني ۽ ٻين ڪمپنين کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا جن پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي ڪامياب بڻايو، اينگرو ۽ سنڌ حڪومت جي سهڪار سان قائم ڪيل ٿر فائونڊيشن ذريعي ٿر ۾ تبديلي آندي پئي وڃي.