ٺل تعلقي ۾ ارڙي وبا تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ هڪ ٻار فوت

0
197
ٺل تعلقي ۾ ارڙي وبا تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ هڪ ٻار فوت
ٺل تعلقي ۾ ارڙي وبا تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ هڪ ٻار فوت

ٺل(ن پ ا) ٺل ڀرسان  ڳوٺ الله بخش نوناري ۾ 5 ورهين جو حسنين پٽ ياسين احمد نوناري ارڙي سبب فوت ٿي ويو، جنهن بعد تعلقي اندر ارڙي وگهي فوتين جو انگ وڌي 85 کان وڌي ويو، جڏهن ته ڪيترائي ٻارڙا ارڙي ۾ مبتلا آهن

صحت کاتي پاران تعلقي اندر ڪو به وارڊ نه کولڻ جي ڪري متاثر ٻارڙن کي خانگي اسپتالن ۾ داخل ڪيو پيو وڃي، صحت کاتي پاران ارڙي جي بچاءُ جي ٻارڙن کي ويڪسين  ته ڪئي وئي پر ارڙي وبا تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي، وبا سبب ٻارڙن جا والدين ۽ علائقي واسي سخت پريشانين جو شڪار آهن